اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران تعميراتي شعبي لا??ِ هڪ وڏي م??اعتي پيڪيج جي اعلان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي تعميراتي سرگرمين جو آغاز ٿي ويو آهي ۽ ان سان غربت ۽ بيروزگاري ۾ واضح گهٽتائي م??وقع آهي. نئون پاڪستان هائوسنگ ??ٿا??ٽي موجب حڪومت نئين پاڪستان هائوسنگ پروگرام جي لا??ِ 30 ارب روپيا سبسڊي طور مختص ڪيا آهن، گهٽ آمدني وارن طبق?? لاءِ ٺهندڙ پهرين هڪ لک گهرن تي حڪومت پاران في گهر 3 لک روپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، اهڙي طرح گهٽ اگهه وارن گهرن جي لا??ِ ٽيڪس جي شرح ۾ وڌيڪ 90 سيڪڙو ڇوٽ، 5 مرلي جي گهر تي 5 سيڪڙو، جڏهن ته 10 مرلي جي گهر تي 7 سيڪڙو مارڪ اپ تي قرض ڏيڻ جي سهولت ڏني وئي آهي، ان ڏس ۾مختلف بئنڪن پاران قرضن جي فراهمي جو سلسلو به جاري آهي، جڏهن ته بئنڪن ”منهنجو پاڪستان – منهنجو گهر“ اسڪيم تحت صارفين کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لا??ِ خصوصي ڊيسڪون به قائم ڪيون آهن، جتي م??ڻهن کي قرض حاصل ڪرڻ جي باري ۾ معلومات، گهربل ڪاغذ ۽ قرض جي ادائيگي جي شيڊول جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويندو آهي، انهي اسڪيم تحت سڀئي پاڪستاني درخواست ڏئي سگهن ٿا، قرض حاصل ڪرڻ تي پهرين پنجن سالن جي لا??ِ 10 لک روپين تي هر مهيني قسط 6 هزار 600 روپيا، 20 لک روپين تي 13 هزار 199 روپيا، 30 لک روپين تي 19 هزار 799 روپيا، 40 لک روپين جي قرض تي 31 هزار 12 روپيا، جڏهن ته 50 لک روپين جي قرض تي 38 هزار 765 روپيا ادا ڪرڻا پوندا، ان اسڪيم تحت ٽي ڪيٽيگريون آهن جنهن مان پهرين ڪيٽيگري نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ ??ٿا??ٽي (NAPHDA) جي منصوبن جي آهي جنهن ۾ 850 اسڪوائر فوٽ ڪورڊ ايريا تي ٻڌل 5 مرلي جا گهر يا اپارٽمينٽ شامل آهن، ٻي ڪيٽيگري ۾ Non- NAPHDA جا منصوبا شامل آهن جيڪي 850 اسڪوائر فوٽ ڪورڊ ايريا تي م??تمل 5 مرلي جا گهر يا اپارٽمينٽ تي م??تمل هوندا، اهڙي طرح ٽئين ڪيٽيگري ۾ به Non- NAPHDA جا منصوبا شامل آهن، جيڪي 125 مربع گز کان وڌيڪ 10 مرلي تائين جي گهرن تي م??تمل هوندا جنهن جو ڪورڊ ايرياز 850 مربع فوٽ کان 1100 مربع فوٽ هوندو، پهرين ۽ ٻي ڪيٽيگري جي گهرن يا اپارٽمينٽ جي وڌ کان وڌ قيمت 35 لک روپيا جڏهن ته ٽين ڪيٽيگري جي گهر يا اپارٽمينٽ جي قيمت 60 لک روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ان اسڪيم تحت پهرين ڪيٽيگري لا??ِ 27 لک روپيا، ٻي ڪيٽيگري لا??ِ وڌ کان وڌ 30 لک روپيا، ٽئين ڪيٽيگري لا??ِ 50 لک روپين تائين جو قرض فراهم ڪيو ويندو. بئنڪون ان مقصد لا??ِ 378 ارب روپين جي رقم مختص ڪئي آهي، سڀني لاڳاپيل ڊولپمينٽ ??ٿا??ٽيز پاران ٿوري م??ي ۾ منصوبن جي منظوري لا??ِ اين او سي جي پراسيسنگ ون ونڊو پورٽل جي ذريعي ڪئي پئي وڃي، وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۽ فنانس ايڪٽ 1989ع ۾ ترميم جي ذريعي تعميراتي صنعت کي ٽيڪس مراعتون ڏيڻ لا??ِ آرڊيننس به منظور ڪيو آهي ۽ تعميرات جي شعبي ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن ۽ ملازم?? لاءِ هائوسنگ پروجيڪٽ کي ڪيتريون ئي م??اعتون به فراهم ڪيون، جنهن ۾ فڪسڊ ٽيڪس جو نظام، گهٽ وياج جي شرح تي قرضن جي فراهمي سميت ٻيون سهولتون شامل آهن، انهن قدمن سان تعميراتي مٽيريل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي آئي آهي ۽ ترقي جو ڦيٿو هڪ ڀيرو ٻيهر روان دوان ٿي ويو آهي، اهو سڀ وزيراعظم عمران خان جي ولوله انگيز قيادت جي ڪري آهي، حڪومت جي انهن قدمن جي ڪري غريب عوام هاڻي پنهنجي گهرن ۾ رهندي م??واڙ جي جاءِ تي گهر جي قسط ادا ڪري پنهنجي گهر جو خواب پورو ڪري سگهي ٿي.