اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ڪورونا جي وبا سان معاشري جو ڪمزور ۽ پورهيت طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، انهن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ??ائون بدران سمارٽ لاڪ ??ائون جو طريقو اختيار ڪيو ۽ ت??مي??ات ۽ زرعي شعبن کي کوليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل پورهيت طبقي کي روڪ امداد فراهم ڪئي، وڏي انگ ۾ اسان جا ورڪرز ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسان کي وڏن ملڪن کي ان مسئلي تي قائل ڪرڻو پوندو ته اهي پورهيت طبقي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪن. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏينهن وا??ي عالمي ڪانفرنس کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.