اسلام آ??اد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صوبن جي حمايت سان نظرثاني ذريعي 18 ترميم بهتر ٿي سگهي ٿي، وسيلن جي ??وا??ي سان ??خت??اف معمول جو حصو آهن، عمران خان جي ??رپشن جي خلاف جنگ جاري آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت اسڪينڊلز ??ي جاچ عام ڪئي، ڪورونا جي ??هلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ عيدالاضحيٰ تي اجتماعي قرباني جو اهتمام ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي کي پنهنجي انٽرويو ۾ صدر چيو ته عيدالفطر ۽ تراويح جي ??وا??ي سان عالم سڳورن ۽ ٻين سمورن حصيدارن جي مشاورت سان ايس او پيز طئي ڪيا، ان سلسلي ۾ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ويا ۽ اتفاق راءِ سان ايس او پيز جوڙيا ويا. بعد ۾ ٻي دنيا به اهي ايس او پيز ??خت??ار ڪيا، ان ??وا??ي سان پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ڪورونا کان بچاءُ سان گڏوگڏ ماڻهن جي معاشي ذريعن جو خيال رکڻ جي لاءِ به صحيح فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان ڪورونا جي ??يسن ۾ اضافي جو رجحان رڪجي ويو آهي، الله جو وڏو احسان اهو آهي ته اسان وٽ ايترو وڏو بحران پيدا نه ٿيو، جنهن جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا. صدر چيو ته عيدالاضحيٰ جي تيارين جي سلسلي ۾ ضروري احتياطي تدبيرون ??خت??ار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان صورتحال ۾ اجتماعي قربانين جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ رش کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عيد جي نماز جي لاءِ سماجي فاصلي ۽ ٻين ضروري ايس او پيز جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام جي موقعي تي خصوصي احتياطي تدبيرون ??خت??ار ڪيون وڃن ته اسان ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وينداسين.