اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 4728 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 1،03،671، ايڪٽو ڪيسن جو انگ 67249 ?? فوتگيون 2067 ٿي ويون آهن، هڪ ڏينهن ۾ 22650 ماڻهن جا ڪورونا وائرس ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، 2553 متاثر ماڻهو اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 1382 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃ?? ٿي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اين سي او سي جي تازي اپ ڊيٽ موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 38 هزار 903 تائين پهچي ويو آهي، سنڌ ۾ 38 هزار 108 ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿيا، خيبرپختونخواه?? ۾ ??يسن جو انگ 13 هزار 487 ۽ اسلام آباد ۾ 5329 ٿي ويو، بلوچستان ۾ 6516، گلگت بلتستان ۾ 932 ڪيس رپورٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 396 ٿي وي??. س??ي ملڪ ۾ هيستائين 34 هزار 355 مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا.