اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون دوران باجماعت نماز جي لاءِ مقرر ڪيل اصولن تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام پاران ??مي??اري جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ طئي ٿيل 20 نقاطي حڪمت عملي جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته اهو ??يت??و زبردست مثال آهي جتي رياست رهنمائي فراهم ڪري ٿي ۽ ماڻهو پاڻ ئي ??ن تي عمل ڪن ٿا.