لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزيراعظم شهباز شريف پاران مستقل حاضري کان ڇوٽ جي ڏنل در??واست منظور ڪري ورتي، عدالت وزيراعظم شهباز شريف کي پيشي کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عدالت نمبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزيراعظم شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي در??واست داخ?? ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي در??واست داخ?? ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتي. وزيراعظم شهباز شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مقامي ايم پي اي جي در??واست تي ڪئي وئي جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا جي منظوري به ورتي وئي هئي، مون پنجاب جي وڏي وزير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪندي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن به عدالت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي يقيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميداري به، هاڻي منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي در??واست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز دليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي در??واست ڏني، 23 مارچ تي وزيراعظم شهباز شر??ف واپس آيو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز عدالت کي در??واست ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف کي عدالت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي در??واست جي مخالفت ڪندي چيو ته گذريل در??واست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي در??واست داخ?? ڪئي وئي آهي ته شهباز شريف پاڪستان جو وزيراعظم آهي، عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي ڇوٽ لاءِ ڏنل در??واست رد ڪري. عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري مڪم?? ڪئي ۽ وزيراعظم کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي در??واست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي حاضري کان مستقل معافي جي در??واست منظور ڪري ورتي ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پيشي کان مستقل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت بريت جي در??واست تي وڪيلن کان وڌيڪ دليل گهرندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.