اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سا?? برطانيه جي هٿياربند فوج جي وزير جيمز هيئپي م??اقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ يوڪي جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي م??ڪن ۽ عوام جي وچ ۾ تاريخي رابطا موجود آهن. وزيراعظم ان اميد جو ??ظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ انهانسڊ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ (اي ايس ڊي) سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مدد ملندي. هن ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو ??ظهار ڪيو. ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان وزيراعظم ان اميد جو ??ظهار ڪيو ته ان کي بهترين انداز ۾ ملهايو ويندو ۽ ان سان ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ نوان موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني المئي کان بچڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن چيو ته 4 ڪروڙ افغانن جي ڀلائي ۽ ترقي اهم ترجيح هجڻ گهرجي، يوڪرين جي معاملي تي پنهنجي ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته جاري تڪرارن سان اسرندڙ ملڪ متاثر ٿيا آهن، هن ان معاملي تي پاڪستان جي اصولي م??قف جو ??ه ورجاءُ ڪيو، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن موجب ان مسئلي جو ??فارتي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري، وزيراعظم والاريل ڪشمير جي صورتحال واضح ڪندي ڀارت سميت خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ??ظهار ڪيو، وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طور تي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، هن ڏکڻ ايشيا ۾ مستحڪم عسڪري تواز?? برقرار رکن جي اهميت تي به زور ڏنو، برطانوي وزير به ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو ??ڪر ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ??ظهار ڪيو، هن خاص طور تي 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي تناظر ۾ غير ملڪين جي نڪرڻ سميت برطانيه سان پاڪستان جي تعاون تي پنهنجي حڪومت طرفان ٿورو ادا ڪيو.