اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ترڪيءَ پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حمايت ڪرڻ تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اوغلو جا ٿو??ا مڃيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب بلاول ڀٽو ٽيليفون تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اوغلو سان ڳالهائيندي ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حمايت ڪرڻ تي سندس ٿو??ا مڃيا. ترڪ پرڏيهي وزير پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪب??د ڏني. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سال جي ??ڪم?? ٿيڻ جو جشن ملهائڻ تي پڻ اتفاق ڪ??و ويو.