اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪڻڪ جي تيار فصل جي ت??اهي کان م??اثر آبادگارن جي مالي امداد جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم پنجاب حڪومت کي حڪم ڏنو ته جن آبادگارن جي فصل سڙي وئي آهي، انهن کي فوري امدادي چيڪ ڏنا وڃن، وزيراعظم 90 هزار ڪلوگرام ڪڻڪ سڙي راک ٿيڻ تي آبادگارن جي فوري مالي مدد جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ آهي، مشڪل وقت ۾ آبادگارن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته بيلا پل باجوان، بجوت سيڪٽر ۾ 23 اپريل 2022ع تي ڪڻڪ جي تيار فصل کي باهه لڳي وئي هئي، باهه سان 77 ايڪڙ زمين م??اثر ٿي هئي، 76 ايڪڙ ۾ ڪڻڪ جي فصل لاٻ??ري جي لاءِ تيار حالت ۾ هئي، سرڪ??ري رپورٽ موجب 15 آبادگارن جي تيار ڪڻڪ سڙي وئي هئي، جاچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪٽائي مشين ۾ ف??ي خرابي سبب باهه لڳي، مشين جي ويجهو ئي ذخيرو ڪيل 80 ليٽر ڊيزل کي باهه پڪڙڻ سان حادثي جو دائرو پکڙجي ويو هو، فاصلو وڌيڪ هجڻ جي ڪري فائربرگيڊ کي پهچڻ ۾ وقت لڳو. فائربرگيڊ 32 ڪلوميٽر جو فاصلو 25 منٽن ۾ طئي ڪيو. فائربرگيد جي ڪوششن سان باهه کي 135 ايڪڙ ۾ پکڙجڻ کان روڪيو ويو.