ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف باباءِ قوم جي مزار تي بيهي وچن ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي خدمت ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. وزيراعظم لکيو ته ”اسان جي لاءِ هڪ ڌا?? وطن قائم ڪرڻ جي عظيم جدوجهد تي توهان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ توهان جي لاءِ پنهنجي بي پناهه احترام جي اظهار طور توهان جي مزار تي حاضر ??يو آهيان، اسان توهان ک??ن مغذرت خواهه آهيون ته اسان قوم جي حيثيت سان ان راهه جي پيروي نه ڪري سگهياسين جنهن جي توهان کي اس??ن مان اميد هئي. اهڙي طرح توهان جي روح کي اس??ن مايوس ڪيو، آئون توهان سان پختو وچن ڪريان ٿو ته آئون پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندس ۽ ڪوشان رهندس ته آئون توهان جي اميدن تي پورو لهي سگهان.