اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس فلسطيني هم منصب رياض المالڪي جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ف??سطين جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ پارلياماني رابطن جي فروغ لا??ِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، فلسطين جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي، عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فلسطين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. فلسطيني پرڏيهي وزير فلسطين جي موجوده صورتحال کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام پاران فلسطين جي قيادت ۽ عوام جي لا??ِ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس کي خطاب ڪندي فلسطين مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرايو ۽ ان پراڻي مسئلي جي جلد منصفاڻي حل جي مطالبي تي زور ڏنو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي جي لا??ِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، پاڪستان فلسطين جي حوالي سان پنهنجي اصولي ۽ واضح موقف تي قائم آهي. هن چيو ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجمان آهي. فلسطيني پرڏيهي وزير فلسطين ۾ جنگبندي جي لا??ِ پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.