اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي کي جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي. هو پارليامين?? کي سائبر صلا??يت?? سان ليس ڪرڻ جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي پاران منصوب?? تي ٿيندڙ اڳڀرائ?? تي بريفنگ ڏني وئي. صدر منصوب?? تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کي س??راهيو. هن منصوبي کي مقرر مدي موجب جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي س??ن پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي.