اسلام آباد – 04 8211; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين ۽ ازبڪ ثقافت واري وزير اوزد بيڪ نازابيڪوف ٻنهي ملڪن جي ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي شعبن ۾ تعاون جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان حوالي سان هڪ سادي ۽ پروقار تقريب هتي ٿي. گذريل ڏينهن جاري آفيشل ٽوئيٽ موجب اهو معاهدو ازبڪستان جي قومي ??يڊيو ۽ ٽيليويزن ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ طئي ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين ۽ ازبڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نازابيڪوف معاهدي تي صحيحون ڪيون.