اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته 24 سالن کانپوءِ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوان ٿو، پاڪستان جو عوام سدا??ين کان ڪرڪيٽ سان انتهائي محبت ڪندڙ ماڻهو آهن جڏهن ته آسٽريليا جي ڪرڪيٽ انهن جي لاءِ سدا??ين ساراهه جوڳي رهي آهي. ??نه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم آسٽريلوي ٽيم ??ي 24 سالن کانپوءِ پاڪستان اچڻ تي انهن کي ڀليڪار چوندي چيو ته اسان آسٽريليا جي دوري دوران دلچسپ ۽ بهترين مقابلو رکندڙ سيريز ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. هن ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.