ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن ماسڪو ۾ پن??نجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روسي پ??ڏي??ي وزير ماسڪو اچڻ تي پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه قريشي جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پ??ڏي??ي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. پ??ڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ٿيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جي ايجنڊا تي عمل ڪ??ي رهيو آهي. ٻنهي پ??ڏي??ي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجا??و. ??وسي پ??ڏي??ي وزير افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ڪاميابي تي پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت کي مبارڪباد ڏني ۽ 22 – 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ متوقع او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پ??ڏي??ي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي روسي هم منصب جا ٿورا مڃيا. پ??ڏي??ي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پ??ڏي??ي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.