اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ميڪرو اڪنامڪ مشاورتي گروپ جي اجلاس کي خطا?? ڪندي ڪيو. اجلاس کي موجودگي ملڪي معاشي ۽ اقتصادي صورتحال، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز ۾ سراسري بهتري، ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبابندي ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي باوجود معاشي ترقي جي شرح کي وڌائڻ ۽ پائيدار بڻائڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس ??ي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومتن جي پيدا ڪيل معاشي بحرانن ۽ ڪورونا وائرس جي و??ا جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو بهترين معاشي پاليسين سان مقابلو ڪرڻ تي عالمي سطح تي پاڪستان جي پذيرائي ٿي. ڪورونا وائرس جي و??ا دوران جڏهن پوري دنيا جا ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار هئا، حڪومت جي بهترين حڪمت عملي جي ڪري معاشي ترقي جي شرح 3.9 رهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ڪري گردشي قرضن ۾ گهٽتائي و??قعي ٿي آهي، روينيو ۾ 35 سيڪڙو اضافو، جنهن ۾ صرف ٽيڪس جي مد ۾ ئي 32 سيڪڙو اضافو، روانگي و??پار ۾ اضافو، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار ۽ ويليو ايڊيشن ۾ اضافو خوش آئنده آهي?? صنعتي خام مال جي درآمد ۾ اضافو نه رڳو صنعتي ترقي پر روانگي و??پار ۽ مقامي کپت جي نتيجي ۾ روينيو ۾ اضافي کي يقيني بڻائيندو. اجلاس کي ايگريڪلچر ٽرانفارميشن پلان تي اڳڀرائي ۽ ان جي ڪري پيداوار ۽ روانگي و??پار ۾ اضافي تي به تفصيلي آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ متوقع گهٽتائي جي ڪري عوام تائين رليف پهچائڻ ۾ مدد تي به بريفنگ ڏني و??ي، اجلاس کي خطا?? ڪندي و??يراعظم چيو ته پاڪستان جا معاشي انگن اکر ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن. حڪومت نه رڳو گذريل حڪومت جي و??اثت ۾ ڇڏيل معاشي بحرانن پر ڪورونا وائرس جي و??ا سبب پيدا ٿيندڙ معاشي مشڪلاتن جو بهترين طريقي سان مقابلو ڪيو، وزيراعظم چيو ته هاڻي معيشت پائيدار ترقي جي طرف گامزن آهي، وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار، ويليو ايڊيشن، روينيو ۽ روانگي و??پار ۾ اضافو واضح ڪري ٿو ته حڪومتي معاشي پاليسيون صحيح رخ ۾ جاري آهن، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معاشي ترقي گذريل مالي سال کان به وڌيڪ هجڻ جي اميد آهي. وزيراعظم معاشي مشاورتي گروپ جي ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ معاشي رليف کي عوام تائين جلد پهچائڻ جا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ ناڻي و??ري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، توانائي و??ري و??ير حماد اظهر، منصوبابندي و??ري و??ير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ڊاڪٽر راشد امجد، ڊاڪٽر سيد سلمان شاهه، ثاقب شيراني، ڊاڪٽر اشفاق حسن خان، ناڻي و??ري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ، ايف بي آر چيئرمين محمد اشفاق احمد، ناڻي ۽ اقتصادي و??ري و??ارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر امتياز احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين، سيد سليم رضا، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري ۽ داڪٽر نديم الحق وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.