اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي تي پوري قوم متحد آهي، انتهاپسندي ڪنهن هڪ پارٽي جو مسئلو نه آهي، سمورا سياسي اڳواڻ انتهاپسندي جي حساسيت کان آگاهه آهن، سريلنڪا جي شهري سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي هر پاڪستاني جو ڪنڌ شرم سان جُهڪي ويو آهي، پاڪستان هڪ پروگريسو ملڪ آهي، اسان جا ادارا ۽ جمهوريت مضبوط آهن، سياست تڏهن ٿيندي جڏهن اسان وٽ امن ا??ان ٿيندو، سياست ۽ جمهوريت ج?? لاءِ امن ضروري آهي، حڪومت راندين جي فروغ ج?? لاءِ نوجوانن جي پٺيان بيٺل آهي، بين ا??صوبائي رابطن واري وزارت ۽ ڪ??مي??ب جوان پروگرام تحت ڪ??مي??ب جواب اسپورٽس ڊرائيو هڪ شاندار ٽيلينٽ هنٽ پروگرام آهي، جنهن ۾ 6 هزار ايٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان مشعل ٻاري ان پروگرام جي شروعات ڪ??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين ا??صوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيالڪوٽ سانحي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ معتدل مزاج جا ماڻهو شامل آهن، اهي ئي ماڻهو پاڪستان جي اڳتي وڌڻ جي ??مي?? آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي قيادت کي ٽيليفون ڪري سيالڪوٽ سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان جي عوام ۽ سياسي قيادت به ان سانحي تي ردعمل جو اظهار ڪيو ته بحيثيت قوم اسان ا??تهاپسندي کي منهن ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته احسن ا??بال، مصطفيٰ نواز، مولانا فضل الرحمان جي سيالڪوٽ سانحي تي ردعمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان وٽ اهڙي سياسي ليڊرشپ موجود آهي جنهن کي ان خطري جو احساس آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي پسند ملڪ آهي، اسان جا ادارا ۽ جمهوريت مضبوط آهن. هن چيو ته سياست ان وقت ٿيندي جڏهن اسان وٽ امن ٿيندو، سياست ۽ جمهوريت ج?? لاءِ امن ضروري آهي. ڪ??مي??ب جوان اسپورٽس ڊرائيو پروگرام جو ذڪر ڪندي هن چيو ته بين ا??صوبائي رابطن واري وزارت ۽ ڪ??مي??ن جواب پروگرام تحت اهو شاندار ٽيلنٽ هنٽ پروگرام آهي جنهن ۾ 15 کان 25 سالن جي عمر جا 6 هزار ايٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته انهن ا??ٿليٽس ۾ 3300 نوجوانن کانسواءِ 2700 ڇوڪريون به شامل آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ان ڳالهه تي خوشي ٿي ته ملڪ جي سياست ۽ معيشت سميت راندين جي شعبي ۾ ڇوڪريون برابر جون حصيدار آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان مشعل ٻاري اسپورٽس ميلي جي شروعات ڪ??دو. هن چيو ته ان پروگرام ۾ هر ڊويزن کي ريجن ڊڪليئر ڪري ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ اٽڪل 7 وڏيون رانديون شامل ڪيون ويون آهن، ان ا??ونٽ سان پاڪستان جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا. هن چيو ته هڪ وقت اسان جي سياست ۽ معيشت ۾ تنزلي سان گڏوگڏ اسپورٽس به تنزلي جو شڪار ئي، اسان جي اولمپڪس جي ڪارڪردگي تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي پئي وئي، هاڪي ۽ اسڪوائش به اٽڪل ختم ٿي چڪيون هيون. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڊگهي عرصي کانپوءِ اڄ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڪارڪرد??ي ڏيکاري رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪ??مي??ب جوان اسپورٽس ڊرائيو پاڪستان تحت پاڪستان جي سمورين ڊويزنن کي ريجنز ڊڪليئر ڪري هتي اچڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته راند ئي واحد رستو آهي جنهن سان اسان پنهنجي نوجوان نسل کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪري سگهون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪ??مي??ب جوان اسپورٽس ڊرائيو پروگرام شروع ڪرڻ تي بين ا??صوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ خاص معاون عثمان ڊار کي مبارڪباد ڏني.