اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي، يو??يورسٽيون ملڪ جو سائبر دفاع مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين، ملڪ ۾ آءِ ٽي شاگردن جو انگ وڌائڻ ??ي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يو??نورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ مارڪيٽ ??ي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ يو??يورسٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يو??يورسٽيون آن لائين تعليمي مواد جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تحقيقي منصو??ن ۾ عالمي يو??يورسٽين سان حصيداري قائم ڪن. پرو ريڪٽر نسٽ ايئر وائيس مارشل ڊاڪٽر رضوان رياض صدر کي يو??يورسٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نسٽ جي 8 ڪئمپسز ۾ 18 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم هيٺ آهن. نسٽ انجنيئرنگ، آءِ ٽي، بائيو ۽ سوشل سائنسز ۾ تعليم م??يا ڪري رهي آهي. صدر معياري تعليم جي فراهمي ۾ يو??يورسٽي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو.