اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين يو??يا ڀاڻ جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي گيس ڪمپنين کي هداي?? ڪئي ته هو ڀاڻ جي يونٽس کي پيداوار لاءِ گيس جي فراهمي يقيني بڻائين. فنانس ڊويزن ۾ ڀاڻ بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي شوڪت ترين س??ور??ن لاڳاپيل ڌُرين کي سيلز ٽيڪس ري فنڊ ۽ گيس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي ادائيگين بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. ان کان اڳ صنعتن ۽ پيداوار واري سيڪريٽري اجلاس کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ رسد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري چيو ته سوئي ناردرن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي بنياد تي يو??يا پلانٽس کي گيس جي فراهمي جنوري 2022ع تائين 3 لک ميٽرڪ ٽن اضافي پيداوار کي يقيني بڻائيندي. حڪومت پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ ۽ فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم لميٽيڊ (ايف ايف بي ايل) سميت س??ور?? ڀاڻ يونٽن کي وڌ کان وڌ گيس جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته هڪ لک ميٽرڪ ٽن يو??يا جي ايڪسپورٽ لاءِ ٽينڊر پڻ ڏنا ويا آهن. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم ۽ صنعتن واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ناڻي جي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪ?? ڪئي.