گڏيل قومون – 24 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير بابت خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ هيومن رائيٽس واچ جي عالمي اد??ري ”ايڇ آر ڊبليو“ جي ڊائريڪٽر لوئيس چاربونيو کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي، اهو اد??رو ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خل??ف ورزين خاص طور تي نئين دهلي جي تڪراري علائقي جي الحاق کانپوءِ تنقيدي رپورٽون جاري ڪري چڪو آهي، شهريار آفريدي انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ تنظيمن سان ملاقات دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو ڀ??رت?? سيڪيورٽي فورسز پاران بي وس ڪشميرين جي خل??ف ٿيندڙ بربريت جي خل??ف ڳالهه ٻولهه ڪندو.