اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر ف??رم تي آو??ز اٿاريندا رهنداسين. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ??مر??ن خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ آئنده لاءِ تعمير ۽ ترقي جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم ??مر??ن خان سردار عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي مٿس اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم ??مر??ن خان جو ٿورو ادا ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح جتي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن جو حل آهي اتي سرحد پار پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مسئلن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ به هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ آهي، جيڪي ڀارت جي غير قانوني ڏاڍ ۾ بي پناهه مسئلن جو شڪار ۽ سختيون برداشت ڪري رهيا آهن، وزيراعظم ??مر??ن خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ??اڻ?? ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر ف??رم تي آو??ز اٿاريندا رهنداسين.