اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران پارٽي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڌانڌلي ڪندڙ راءِ ڏيڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۾ مصروف آهن. مريم اورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي خاص معاون چيو ته شفافيت جي نالي کان ڀڄندڙ نااهلن جي ل??ءِ اليڪٽرانڪ سسٽم ڊ??ڄاريندڙ خواب آهي. ??ن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ ڇانگا مانگا سياست ڪندڙن جي تابوت ۾ آخري ڪِيل ??هي. خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته نااهلن جو سياست ۾ اچڻ ڌوئنس ۽ ڌانڌلي جي ڪري مم??ن ٿيو. ??ن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمران پارٽي اليڪشن ۾ شفافيت آڻڻ جي ل??ءِ سخت محنت ڪري رهي آهي ۽ ڌانڌلي ڪندڙ راءِ ڏيڻ بدران راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۾ مصروف آهن.