اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام دل ۽ جان سان ڪش??يرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت ان جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ قومي روزاني ۾ لکيل پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو ته هن سال 5 آگسٽ تي ڪش??ير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي ٻه سال ٿي ويا آهن. اهي ٻه سال ان تلخ ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته هن جديد دور ۾ به اسان جا ڪش??يري ڀينر ڀائر هڪ سفاڪ فوجي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياري ٿو ته بهادر ڪش??يرين جي آزادي جو جذبو جنهن جو بنياد انهن جي ابن ڏاڏن ڊوگرا راڄ جي خلاف پنهنجي آزادي جي تحريڪ ۾ وڌو، اڃا به تازو آهي. ڪش??يري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ گذريل 7 ڏهاڪن کان جدوجهد ڪري رهيا اهن ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت انهن جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. هن لکيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام دل ۽ جان سان پنهنجي ڪش??يري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اسان سدائين کان ڪش??يري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق ۽ آزادي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سدائين کان پرعزم آهي ۽ رهندو. حڪومت ڪش??ير مسئلي ۽ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪش??ير تڪرار قومي سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ آيو. عالمي سربراهن ۽ عالمي صحافين پاران والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جي خلاف آواز بلند ڪيو ويو. آرٽيڪل ۾ اهو به لکيو ته وزيراعظم، سندس ڪابينا ۽ اسان جي پارليامينٽ ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري ڀارتي وحشياڻي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي آهي. زميني صورتحال ۽ قابض ڀارتي فوج جي هڪطرفي غيرقانوني قدم مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته ڪش??يرين جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جو منصوبو زور شور سان جاري آهي. جبري طور تي آبادياتي تناسب تب??يل ڪرڻ جي لاءِ صدي پراڻي شهريت جي قانون کي تب??يل ڪرڻ انهي منصوبي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. دنيا ۾ اهڙن قدمن سان مقامي آبادي ۽ قابضن جي وچ ۾ تلخين ۾ سدائين اضافو ٿيو آهي. ڪش??يري مسلمان پنهنجي قابضين جي ان آبادياتي منصوبي کان چڱي ريت واقف آهن. ڀارت ان حڪمت عملي کي پهريون ڀيرو هند جي ورڇ جي مرحلي ۾ استعمال ڪيو. نومبر 1947ع ۾ مهاراجا جي سرپرستي هيٺ ڊوگرا ٽيم فوجي دستن ۽ آر ايس ايس جي بلوائين اٽڪل 3 لک ڪش??يري مسلمانن جو وحشياڻو قتل ڪيو. اها خونريز نسل ڪش?? ڄمون جي اٽڪل 10 لک ڪش??يرين جي جبري لڏپلاڻ جو سبب بڻي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو قتلام حڪومتي سرپرستي ۾ ڄمون، جتي مسلمان ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو ۽ واضح اڪثريت هئي، جي آبادياتي تناسب کي تب??يل ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو هو. ان نسل ڪش?? ۽ جبري لڏپلاڻ سان ڄمون ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تب??يل ڪيو ويو ۽ اهو مصنوعي ??بادياتي تناسب اڄ تائين قائم آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي ئي هڪ خطري جا بادل ڪش??يرين تي ڇائنجي رهيا آهن. آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلي کانسواءِ ڀارتي حڪومت گذريل 131 سالن کان علائقي جي سرڪاري زبان اردو جو استعمال گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ قانون منظور ڪيو آهي. عوامي جاين جا مسلمان نالا به تب??يل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته جبري حدبندي جي ذريعي مسلمانن جي نمائندگي کي مصنوعي ??ور تي گهٽ ڪرڻ جا قدم ڪش??يرين جي منفرد سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي هڪ ٻي سازش آهي. اهي قدم ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني منسوخي ??ان ئي ممڪن ٿيا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير تي ڀارتي آئين جي ڪنهن به آرٽيڪل لاڳو ڪرڻ کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو، پر آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي منسوخي ??ي نتيجي ۾ زميني صورتحال ۾ گهري تبديلي آئي آهي. اها ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ڪش??يرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت ظالماڻن قدمن ذريعي ڄمون ۽ ڪش??ير کي هڪ جيل ۾ تب??يل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هر ڪش??يري تي هڪ ڀارتي فوجي مڙهيل آهي. اڄ هزارين سياسي اڳواڻ، استاد، ڪارڪن، صحافي ۽ شاگرد ڪارن قانونن ۽ ڪوڙن الزامن تحت جيلن ۾ قيد آهن. انهن سان غيرانساني ۽ اڻوڻندڙ سلوڪ جي ڪري انهن جي جان کي خطرو آهي. صدر لکيو ته بي جي پي حڪومت اهو ثابت ڪيو آهي ته هندوتوا نظريي سان ڪش??ير جي سياسي تشخص، تاريخي ورثي، علائقائي امن ۽ عالمي قدرن کي خطرا آهن. بي جي پي جي اثر هيٺ ڀارت طاقت جي استعمال ۽ فوجي مهم جوئي جي ذريعي ??طي ۾ بالادستي ۽ زميني حقيقتون تب??يل ڪرڻ چاهي ٿو. والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انسانيت سوز ڪاررواين تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جي لاءِ هڪ منظم مهم شروع ڪري رکي آهي. ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه مهم ۽ دهشتگردي جي پٺڀرائي تي پاڪستاني رپورٽ مان واضح آهي ته ڀارت اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. تازو ئي يورپي يونين جي عالمي شهريت يافته ڊس انفو ل??ب جعلي غيرسرڪاري تنظيمن ۽ جعلي ويب سائيٽس جي ذريعي گڏيل قومن ۽ يورپي پارليامينٽ کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي چال جو پڙدو فاش ڪيو. اهڙي طرح هڪ عالمي ڀارتي عهديدار به ايف اي ٽي ايف جي ٽيڪنيڪي فورم کي سياست زده ڪرڻ ۽ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جي لاءِ ڀارتي اثررسوخ استعمال ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم سوال پيدا ٿين ٿا. اڄ اسان پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ تي مجبور آهيون ته ڇا موجوده ڀارتي حڪومت هڪ ذميوار اڪائي آهي يا پوءِ هڪ شدت پسند هندوتوا راڄ، جنهن تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي؟ ڀارتي فوجي تسلط جي خلاف ڪش??ير جي مقامي آزادي جي جدوجهد کي سدائين کان عوامي حمايت حاصل رهي. پنهنجي تازين ڪاررواين جي ڪري پرتشدد هندوستان والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پنهنجي رهيل سهيل حمايت به وڃائي چڪو آهي. ظلم ۽ رياستي ڏاڍ جي مقابلي ۾ ڪش??يرين سدائين بهادري، اڻٿڪ عزم ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. ڪش??يري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت تسليم ٿيل سياسي حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي تسلط جي خلاف منهن ڏيندا رهندا. پاڪستان ڪش??يرين جي خراب حالت تي عالمي ضمير کي جنجهوڙندو رهندو. آئون عالمي دنيا کي اپيل سان گڏوگڏ انهن کي ان ڳالهه جي ياد ڏياريندو هلان ته اها ڪش??يري عوام ۽ انسانيت جي قدرن تحت ڪش??يرين کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيڻ جي پابند آهي. ڪش??يرين سان ڪيل خودمختياري جي حق جو واعدو اڄ به اڌورو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪش??يري عوام کي ڀارتي تسلط کان آزادي ملندي. انشاءَ الله.