اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اجهو، لٽو ۽ ڳڀو جي نعري جي آڙ ۾ زرداري ملڪي دولت لُٽي مني لانڊرنگ ڪئي جعلي اڪائونٽس ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ سري ??حل ٺاهيا، سنڌ ۾ ٽيون ڀيرو پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي سواءِ غربت، ڪرپ??ن ۽ لُٽ مار کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو. سنڌ ۾ غربت جي ڪري ??فاقي حڪومت پاران احساس ايمرجنسي ڪيش جي سڀ کان وڌيڪ 57 ارب 13 ڪروڙ 39 لک 96 هزار سنڌ ۾ ورهايا ويا، جيڪي مجموعي فنڊن جو 35 سيڪڙو آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ??ڌائي سنڌ جي عوام کي مفت علاج لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڇو نه ڏئي رهيو آهي، پرچي چيئرمين سچ ٻڌائي ڇا ڪڻڪ خريداري جي امدادي قيمت 1400 کان وڌائي 2000 هزار روپيا في مڻ ڪر?? جو اثر ا??ي جي قيمتن تي نه ايندو؟ هن چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ فصلن جي گروٿ سراسري 1.25 جڏهن ته آبادي جي گروٿ 2 سيڪڙو هئي، توهان جي ڪري ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيا، هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت غذائي تحفظ جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پرچي چيئرمين واڳون وارا ڳوڙها نه وهائي پر سنڌ ۾ ذخيرو اندوز مافيا جي خلاف ايڪشن کڻي.