اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان جي نوٽيس و??ڻ تي ٻاهرئين ملڪ شهري کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي جنهن جو وزيراعظم نوٽيس ورتو، جاچ کانپوءِ وزيراعظم ??ي حڪم تي اسلام آباد لينڊ روينيو جي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪوآپريٽو سوسائٽيز اسلام آباد جي ڊپٽي رجسٽرار کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو ويو. وزيراعظم ڊيليوري ??ون?? پاران جاري بيان موجب ٻاهرئين ملڪ شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي اسلام آباد سرڪل رجسٽرار آفيس جي خلاف انڪوائري ڪئي وئي ۽ ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽو کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ کانسواءِ چيف ڪمشنر گهرو وزارت مان سرڪل رجسٽرار کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي، ان کانسواءِ انسپيڪٽر ڪوآپريٽو سوسائٽيز کي پڻ عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ل??ڳا??ل هائوسنگ سوسائٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويا، سرڪل رجسٽرار آفيس جي ل??ڳا??يل ڪلرڪ کي پڻ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ??فيس موجب ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پلا?? منتقلي بابت وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي، سرڪل رجسٽرار آفيس شهري جي شڪايت تي ان جي دادرسي ڪئي جنهن تي وزيراعظم ڊيليوري ??ون?? جي هدايت تي چيف ڪمشنر شڪايتن تي انڪوائري ڪئي، چيف ڪمشنر آفيس ل??ڳا??يل آفيسرن جي معطلي ۽ برطرفي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.