اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 63 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هيون. نيشنل ڪم??نڊ اينڊ آپريشن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 368 ماڻهن جا ڪ??رونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 65 سيڪڙو، لاهور ۾ 54 سيڪڙو، گجرانوالا 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 62 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 73 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 49 سيڪڙو، گجرات ۾ 95 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 418 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 506، پنجاب ۾ 17 هزار 315، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 214، اسلام آباد ۾ 6 هزار 733، بلوچستان ۾ 699، گلگت بلتستان ۾ 314، آزا?? ڪشمير ۾ 637 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 91 هزار 145 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزا?? ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 380 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 40 هزار 120 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 45 هزار 356 آهي جن مان آزا?? ڪشمير ۾ 12 هزار 95، بلوچستان ۾ 19 هزار 427، گلگت بلتستا?? ۾ 4 هزار 983، اسلام آباد ۾ 54 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 82 هزار 677، پنجاب ۾ 2 لک 7 هزار 765 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 64 هزار 62 مريض آهن.