اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان رياست ۽ ملڪي دفاع جي ??لاف دشمن جي ??يجنڊا تي تيار ڪيل بيانيو ڪ??هن صورت ۾ قبول نه آهي، نواز شريف ۽ سندس خاندان جمهوريت نه پر بادشاهت تي يقين رکي ٿو، قانون کي گهربل اشتهاري لنڊن جي مهانگي فليٽ ۾ ويهي انقلابي بڻجڻ بدران عوام ۾ اچي، مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنسز ۾ چيو وڃي ٿو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ??لاف ڪرپشن، مني لانڊرنگ جا ڪيس واپس ورتا وڃ??، جنهن جنهن ڪرپشن، مني لانڊرنگ ڪئي يا قومي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو ان کي حساب ڏيڻو پوندو، صنعتن کي ملندڙ وڌيڪ بجلي جي ??گهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ننڍي ۽ وچين درجي ??ي صنعتن سميت ٻين کي اضافي بجلي تي 25 سيڪڙو رعايت ملندي، صنعتن جي لاءِ پيڪ آورز ۽ آف پيڪ آورز کي گڏ ڪيو ويو آهي، صنعتن کي سستي بجلي جي فراهمي سان ملڪي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.