اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت گلوبل ايس اوي پي هواوي ٽيڪنالاجي ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيا لاءِ پريزيڊنٽ هووتائو ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير امين الحق، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخ??ري، پي ٽي ??ي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم ب??جو?? ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا، وفد ۾ هواوي پاڪستان جي سي اي او چيانگ منگ، ڊپٽي ??ي اي او ا??مد بلال مسعود، مينيجنگ ڊائريڪٽر ويجي گائو ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ افيئر زهان وو شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته هوا وي حڪومت جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي منصوبن بابت پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ هزار ملازمن کي تربيت فراهم ڪرڻ جو ا??ادو رکي ٿي، هوا وي يونيورسٽي ??طح جي شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان آراسته ڪرڻ جي لاءِ ٽريننگ ۾ به تعاون فراهم ڪندي.