اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان جي صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان ??ي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان به افغان صدر کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن عالمي برادري ڪوويڊ 19 سميت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن افغانستان ۾ ڪور??نا جي ڪري انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو ??ظه??ر ڪيو ۽ ان اميد جو ??ظه??ر ڪيو ته ڪور??نا وبا تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان افغان صدر کي پاڪستان ۾ ڪور??نا جي خلاف حڪومت جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ماڻهن جي جانين کي بچائڻ، معاشي ذريعن جي تحفظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ??نو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغان امن عمل جي نئين مرحلي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ??الهه تي زور ڏنو ته افغانسدتان ۾ امن وڏي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته امن عمل جي موجوده رفتار کي آمريڪا طالبان امن معاهدي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌائڻو پوندو، جنهن سان بين الافغان ??الهيون جلد شروع ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي.