اسلا?? آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪابينا کان منظور ڪيل اي ڪامرس پاليسي ۽ نيشنل ٽيرف پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ??ني وڃي ته جيئن پاليسي تي عملدرآمد ٿئي ۽ ان جي ثمرن کان ڪاروباري برادري فائدو کڻي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته روانگي واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪردار جو تعين ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامرس ڊويزن جي ڪارڪردگي جي جائ??ه اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو.