اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وف??قي ڪابينا 7.8 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف 19 شين تي سبسڊي ڏني ويندي جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير حماد اظهر چيو آهي ته هٿيارن جي لائيسنسنگ جي حوالي سان ڪجهه هفتن ۾ ??ال??سي سامهون ايندي، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، پي ڊي ايم سياسي يتيمن جو گروهه آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وف??قي وزير چيو ??ه وف??قي ڪابينا عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ 7.8 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏني آهي.