اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽ?? جي خصوصي دعوت تي اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ هوندا. وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽ?? جي وچ ۾ ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خا?? سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽ?? سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور ??ي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستا?? جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستا?? جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.