اسلام آب??د – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل ا??ٽي??ڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ ا??ٽي??ڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بي آر ٽي کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل ا??ٽي??ڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ ا??ٽي??ڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيندي 100 مان 97 نمبرز ڏنا ويا آهن جنهن جو مطلب آهي ته اها سروس اٽڪل هر لحاظ کان عالمي معيارن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پشاور بي آر ٽي شهر ۾ عوامي چرپر جي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، آگسٽ 2020ع ۾ ان جي شروعات کان هيستائين 71 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ان مان فائدو کڻي چڪا آهن. روزاني جي بنياد تي اڍائي لک کان وڌيڪ شهري ان تي سفر ڪن ٿا جن مان 20 سيڪڙو عورتن کانسواءِ 60 سيڪڙو جو تعلق گهٽ آمدني واري طبقي سان آهي.