بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي، وزيراعظم ڪاروب??ري ملاقاتن کانسواءِ ونٽر اولمپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. اها ڳالهه هن وزيراعظم جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي، اڄ وزيراعظم 18 کان وڌيڪ سيڪٽرز ۾ وڊيو ڪانفرنسز ڪيون. انهن ڪانفرنسز کانپوءِ وزيراعظم عمران خان چين جي س?? کان وڏي ٽي وي چئ??ل سي جي ٽي اين کي انٽرويو به ڏيندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪاروب??ري ملاقاتن کانسواءِ وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفد سان گڏ ونٽر المپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جو اهو پهريون حڪمران آهي جنهن کي المپڪس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه ان تقريب ۾ اڄ شرڪت ڪندا.