اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انت??ام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ?? گهٽتائي آئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انت??ام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آبي وسيلن وارو وفاقي وزير مونس الاهي ۽ آبي وسيلن وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي جي انت??ام جي لا??ِ سيٽلايئٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انت??ام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ?? گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انت??ام جي موثر ن??ام جي ضرورت آهي. ايئر يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت ملڪ ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جي ڪري ملڪ کي ساليانو 12 ارب ڊالر جي ويجهو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، اجلاس ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انت??ام جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي جو بهتر انت??ام ۽ نگراني لا??ِ سڀني لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.