اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذ??بائيجان جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت ??هي?? اي پي پي اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذ??بائيجان جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن ??هي?? فلم، ڊراما ۽ ميوزڪ جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ آذ??بائيجان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ملاقات لاءِ آيل آذ??بائيجان جي سفير خضر فرحادوف سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت فلم، ڊراما، ميوزڪ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان گڏجي ظهير الدين بابر تي هڪ فلم تيار ڪئي پئي وڃي، اسان آذ??بائيجان سان گڏ به فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني ڊرامن جو ترجمو ڪري آزبائيجان جي عوام کي پيش ڪري سگهجي ٿو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سياحت لاءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ملڪ ??هي?? آذ??بائيجان جي عوام فلم ساز ۽ ڊراما نگار پاڪستان جي سياحتي ماڳن مان فائدو وٺي سگهن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته سڄي دنيا کي فيڪ نيوز جو چئلينج درپيش ??هي?? ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون وقت جي اهم ضرورت ??هي?? ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون خاص طور پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي، اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذ??بائيجان جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن ??هي?? اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي حڪومت ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نه رڳو ڪورونا وا??رس جي وبا جو مقابلو ڪيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي اختيار ڪندي ملڪي معيشت کي به مستحڪم بڻايو، اڄ سڄي دنيا وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي ساراهي ٿي، آذ??بائيجان جي سفير حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي ساراهيندي چيو ته عالمي ميڊيا به وزيراعظم عمران خان جي قدمن ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جون مثال دنيا جي سامهون پيش ڪيون، هن افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪئي، خضر فرحادوف چيو ته افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ پاڪستان ۽ آذ??بائيجان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پراميد آهن.