اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي س??ن اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺو?? قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير ننايا مهوٽا پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود ق??يشي س??ن وڊيو لنڪ جي ذريعي رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي خاص طور تي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرور?? تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي س??ن اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺو?? قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پرڏيهي وزير نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪابل مان محفوظ طريقي س??ن نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير نيوزي لينڊ سميت مختلف ملڪن جي شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي س??ن نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي ۽ پاڪستان جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري ??نساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺو?? ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي برادري ??ي س??مهون پيش ڪيا آهن، پرڏيهي وزير فيٽف جي حوالي س??ن پاڪستان پاران کنيل موثر قدمن کان نيوزي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نيوزيلينڊ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڪستان جي حمايت جاري ??کندو. پرڏيهي وزير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي جي هڪطرفي فيصلي جو معاملو کنيو ۽ چيو ته هن هڪطرفي فيصلي س??ن ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دل آزاري ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده نوعي?? تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.