اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغان عوام ??ي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيون، پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جڏهن ته ڊينش وفد جي قيادت ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير يپي ڪوفو ڪئي.
ڳالهين ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان ??ي مدد تي اسان ڊينمارڪ جا ٿورائتا آه??ون. اسان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪيتريون ئي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهيا آه??ون، جڏهن ته ڪاروبار ۾ آسائشن جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري آئي آه??.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڊينس ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي انهن مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون، هن چيوته پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ قابل تجديد ??وا??ائي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻطرفي تعاون جو فروغ واکاڻ جوڳو آه??، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڊينمارڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ??ي موجودگي، پارليماني رابطن جي فروغ جو سبب آه??، پرڏيهي وزير افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڊينس شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، مون کي خوشي آه?? ته افغانستان جي حوالي سان اسان ??ي موقف ۾ هم آه??گي آه??،
هن چيو ته افغانستان ۾ تازي تبديلي جي دوران رتوڇاڻ ۽ خانه جنگي جو نه هجڻ مثبت رخ آه??، عالمي برادري افغانستان ۾، پاڪستان وانگر اجتماعيت جي حامل حڪومت جي خواهشمند آه??،پرڏيهي وزير چيو ته ضرروت ان ڳالهه جي آه?? ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغانستان ??ي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي، اقتصادي بحران سبب دهشتگرد گروهن کي افغانستان ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو ملندو. شاهه محمود قريشي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري جي ڏس ۾ ڊينش هم منصب سان ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو. ڊينش پرڏيهي وزير ڊينش شهرين جي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.