اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت روانگي و??پا?? ڪندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. روانگي و??پا?? جو ماپو وڌائڻ جي لاءِ غير روايتي مصنوعات تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن لاءِ هدف متعين ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روانگي و??پا?? وڌائڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، و??پا?? وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. اجلاس ۾ ڪامرس ڊويزن تقابلي جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته سال 18 -2015ع کان سال 21 -2020ع جي دوران ويليو ايڊيڊ روانگي و??پا?? ۾ 3.8 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، انهي مدي دوران غير روايتي مصنوعات جي روانگي و??پا?? ۾ 2.7 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، اهو اضافو موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ روانگي و??پا?? ڪندڙن کي ڏنل مراعتن جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. اجلاس کي آگاه ڪيو ويو ته روايتي طور تي پاڪستان کان ٽيڪسٽائيل جي مصنوعات برآمد ڪئي پئي وئي تنهن هوندي به برآمدات جي ماپي کي وڌا??ڻ لاءِ غير روايتي مصنوعات سميت معدنيات، فوڊ پراڊڪٽس، ف??وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سرامڪس وغيره برآمد ڪندڙن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خاان چيو ته حڪومت برآمد ڪندڙن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ مصنوعات ۾ جدت آڻي جاگرافيائي طور تي انهن ملڪن تي ڌيان ڏنو وڃي جتي پاڪستاني مصنوعات جي مارڪيٽ موجود آهي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن جي لاءِ برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ انهي بنياد تي ان جي ڪارڪردگي جاچي ويندي.