اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي ملڪيتن جي ملڪيتي حق فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو آهي، ??سلام عورتن کي جائيداد جي مالڪاڻا حق ڏنا، پر افسوس جو ڪجهه حصن ۾ حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي ملڪيتي حقن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري، ??راست جي خاتمي بابت وفاقي م??تس?? ڪشمالا طارق ۽ م??تس?? پنجاب نيبلا علي خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه پاران پاس ڪيل عورتن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ڪرڻ جي ايڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي حراسيت جي خاتمي واري وفاقي م??تس?? ڪشمالا طارق چيو ته حراست جي خاتمي واري وفاقي م??تس?? کي وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع جي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ 116 شڪايتون مليون جن مان 15 ڪيسز التوا هيٺ ??هن جڏهن ته باقي لاڳاپيل کاتن کي ڪارروائي جي لاءِ موڪلي ڇڏيا آهن. م??تس?? پنجاب نبيلا علي خان اجلاس ۾ ٻڌايو ته م??تس?? پنجاب کي 250 ڪيس مليا آهن، ازالي جي لاءِ سنجيده قدم کنيا پيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي جائيدادن جا ملڪيتي حق فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ جي ضرورت اهي، ??سلام عورتن کي جائيداد جا مالڪاڻا حق ڏنا آهن، پر افسوس جو ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ حقن کان محروم رکيو ويو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قانونن تي عملدرآمد سان عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ??ورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي م??تس?? ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ميڊيا ذريعي آگاهي مهم هلائڻ، عالم سڳورن جي مدد سان ماڻهن ۾ عورتن جي مالڪاڻن حقن جي تحفظ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو ويو.