اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر سيف الله نيازي، عامر محمود ڪياني ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار سردار تنوير الياس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آزاد ڪش??ير قانونساز اسيمبلي جي ميمبر مرحوم صغير چغتائي جي ايص??ل ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، ملاقات ۾ آزاد ڪش??ير ۾ ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آزاد ڪش??ير جي صدر، وزيراعظم ۽ اسپيڪر جي نامزدگي جو فيصلو اليڪشن کانپوءِ وزيراعظم پاڻ ڪندو.