اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي 8487 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، ??رڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف ڏ??و ويو آهي، واڌويجهه جي شرح جو هدف 4.8 ??يڪڙو رکيو ويو آهي، گاڏين جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي، ??نهن تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12.5 سيڪڙو ڪرڻ ۽ گاڏين تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، موبائيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ??رڪاري شعبي جي ترقياتي بجيٽ جو ماپو 900 ارب رپيا آهي، گهٽ کان گهٽ اجرت 20 هزار ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي، ??وڳاڙين جو ڪاٿو 7909 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي جيڪو گذريل سال جي نظرثاني ٿيل 6395 ارب رپين جي ماپي جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، ??جم??عي سبسڊيز جو ڪاٿو 682 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، ??حساس پروگرام جي لاءِ 660 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، زراعت، چوپائي مال سميت مختلف شعبن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي.