اسلام آ??اد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسان هڪ ڪروڙ ماڻهن ??ي ويڪسينيشن لڳائڻ جو هدف مڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان ڪورونا جي خلاف جهڙي طرح جنگ وڙهي سڄي دنيا ان جو اعتراف ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? هن ??يو ته وزيراعظم جهڙي طرح ان ذهني ويڙهاند ۾ قوم کي هڪ لمحو به مايوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ اين سي او سي وزيراعظم جي پاليسي کي لاڳو ڪيو ان جي جيتري واکاڻ ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.