اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ ز??ن جي ڪمرشل لانچ جي تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب چائنه جي انٽرپرائيز ”سينچري اسٽيل پرائيويٽ لميٽيڊ“ جي 366 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعميرات جو اڄ آغاز ٿي رهيو آهي. رشڪئي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ ز??ن چائنه پاڪستان اقتصادي لن??هه ڪلسٽر جو هڪ حصو آهي جيڪو صوبي ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سا?? هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، پاڪستان ۽ چائنه سي پيڪ منصوبن جي وقت س?? پڄاڻي ۽ چائنه پاڪستان اقتصادي لن??هه کي بي آر آءِ جي هڪ عالمي معيار جو مظهر ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، رشڪئي ترجيح خصوصي اڪنامڪ ز??ن چائنه پاڪستان اقتصادي لن??هه فريم ورڪ تحت خيبرپختونخوا حڪومت ۽ خيبرپختونخوا زون ڊولپمينٽ اينڊ مينيجمينٽ ڪمپني (ڪي پي اي زيڊ ڊي ايم سي) جو فلينگ شپ منصوبو آهي.