اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ونا وا??رس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ونا وا??رس سبب 67 فوتگيون ٿي??ن جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿي??ن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 482 ماڻهن جا ڪو??ونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وا??ن بسترن تي ڪو??ونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 37 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 53 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 625 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 529، پنجاب ۾ 20 هزار 903، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 110، اسلام آباد ۾ 5 هزار 273، بلوچستان ۾ هڪ هزار 450، گلگت بلتستان ۾ 490، آزاد ڪشمير ۾ 870 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿي??دڙن جو انگ 8 لک 34 هزار 586 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلي??ر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 490 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 58 هزار 611 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا وا??رس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 13 هزار 784 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 60، بلوچستان ۾ 24 هزار 908، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 545، اسلام آباد ۾ 80 هزار 927، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 31 هزار 411، پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 775 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 14 هزار 158 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿي??دڙن جو انگ 20 هزار 607 آهي.