اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا، ناموس رياست جي تحفظ، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت هر فورم تي نه رڳو آواز بلند ڪري رهيو آهي پر عملي قدمن جي لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي، اولهندي ملڪن کي خط لکڻ جو معاملو هجي يا آواز بلند ڪرڻ هجي عمران خان هر جاءِ تي پنهنجي ذميداري ادا ??ري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سچو عاشق رسول ﷺ آهي، فلسطينن، ڪشميرين سان ڪلمه طيبه جو رشتو آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مضبوط نه آهي. هو جمعي ڏينهن درٻار عاليه عيدگاهه شريف ۾ فلسطين سان يوم يڪجهتي جي مناسبت س??ن منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته حڪومت جمعي تي يوم يڪجهتي فلسطين ملهائڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي پوري پاڪستان ۾ ڀرپو?? انداز ۾ ملهايو ويو، اسرائيل 27 هين روزي تي قبله اول مسجد اقصيٰ ۾ جنهن انداز سان ظلم شروع ڪيو ويو ان جو مثال نٿو ملي، 250 کان وڌيڪ ٻار شهيد ڪيا ويا، ڪٿي آهن انساني حقن جون تنظيمون، هن چي?? ته جنهن هڪ ناحق قتل ڪيو ان پوري انسانيت جو قتل ڪيو، فلسطين ۾ ٿيندڙ ان ڏکوئيندڙ منظرن تي ڪو به مسلمان خاموش نٿو ويهي سگهي، هن چي?? ته جڏهن فلسطين تي حملو ٿيو ته ان وقت وزيراعظم عمران خ??ن مديني ۾ روضه رسول ﷺ تي موجود هو ۽ اتان کان فلسطين تي ٿيندڙ حملي تي آواز بلند ڪيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته عمران خان جي هدايتن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس تائين جو سفر ڪاميابي سان طئي ڪيو، هن چي?? ته عمران خان نه رڳو پاڪستان پر مسلمان امت جو ترجمان بڻجي اڀريو آهي، عمران خان انهي طرح ڪشمير مسئلي تي به موثر آواز بلند ڪيو آهي، جتي جتي مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي اتي پوري مسلمان امت کي متحد ٿي آواز بلند ڪرڻو پوندو، ان س??ن موثر ۽ طاقتور آواز ڪو ٿي نٿو سگهي.