فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي جامع ترقي لاءِ 60ع جي ڏهاڪي ج?? صنعتي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ صنعتڪارن جي مشاورت سان نئين پاليسي ج??ڙي ويندي. هو فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ج?? هڪ تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کانسواءِ اسيمبلي ميمبر ۽ صنعتڪار به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن چ??و ته 1960ع جي صنعتي پاليسين جي ڪري پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو جڏهن 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي سوشلزم جي نالي تي صنعتن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان لاءِ اهو جواز پيش ڪ??و ته پاڪستان جي سمو??ي دولت 22 خاندانن تائين محدود آهي، هن چ??و ته اسان کي نيشنلائيزيشن جي پاليسي بدران اضافي سرمايو غريب ماڻهن تي خرچ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ گهربي هئي. هن چ??و ته هاڻي به صنعتي فروغ جي ضرورت آهي ته جيئن سيڙپڪار پنهنجي دولت وڌائڻ سان گڏوگڏ اضافي سرمايو ماڻهن جي غربت جي خاتمي تي به خرچ ڪن، هن چين جو مثال ڏنو ۽ چ??و ته چين ان طريقيڪار تحت صنعتڪارن جي ۽ پوءِ انهن جي سرمائيڪارن دولت وڌائي ۽ پوءِ 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ??ربت مان ڪڍيو، هن چ??و ته ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا نه ڪرڻ گهرجي ته وڌيڪ پئسو ڪمائڻ کي ڏوهه سمجهيو وڃي، هن چ??و ته سيڙپڪارن کي ??ائز طريقي سان منافع ڪمائڻ گهرجي ۽ حڪومت کي ??ن سلسلي ۾ ضروري سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن،