اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي کي الله تعاليٰ بي پناهه قدرتي حسن ۽ سياحتي ماڳن سان نوازيو آهي، انهن مقامن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ ب??يادي سهولتن جي فراهمي سان صوبي ۾ سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن صوابي ۾ راندين ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ ٿيندڙ جائزي اجلاس جي ??دا??ت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي اسپورٽس جي ڊائريڪٽر جنرل، ڪي پي ڪي جي سياحت جي ايم ڊي ۽ ڊپٽي ڪمشنر صوابي سميت لاڳاپيل کاتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.