اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته اسان هر ڳالهه تي ٺاهه ??ري سگهون ٿا پر ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين، مخالف ڌر پارٽين جي اڳواڻن جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي ابتڙ آهي، ايف اي ٽي ايف قانونسازي نه ٿئي ها ته ملڪ بليڪ لسٽ ۾ هليو وڃي ??ا، رپئي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي ها ته مهانگائي ۾ اضافو ٿئي ها، موٽروي جهڙي سانحي جي روڪٿام ۽ اهڙن واقعن ۾ مل??ث ڏوهار??ن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪنداسين، پي ايم ڊي سي بل جي منظوري سان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جو معيار عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ??ري رهيو هو. وزيراعظم عم??ان خان سڀ کان اڳ پنهنجي پارٽي ۽ اتحاد??ن کي خراج تحسين پيش ڪيو.