اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي، س??وريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان بي شمار مسئلا درپيش آهن، ماضي ۾ انهن مس??لن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، تازين برساتن انتظامي ڍانچي جي مس??لن کي اجاگر ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، س??نيٽر شبلي فراز، س??د امين الحق، س??د علي حيدر رضوي، س??ڌ جو گورنر عمران اسماعيل (وڊيو لنڪ)، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪراچي جي پراڻي مس??لن جي حل جي حوالي سان جامع منصوبي ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جو جائزو و??تو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي، س??وريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڪراچي جي عوام کي بي شمار مسئلا درپيش آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن مس??لن جي مستقل بنيادن تي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، هن چيو ته تازين برساتن جتي انتظامي ڍانچي جي مس??لن کي اجاگر ڪيو اتي ڪراچي جي عوام کي تمام گهڻن مس??لن جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي.